GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جو ڪم آهي: سفارتڪار/ تجزيه نگار/ مذهبي اڳواڻ

image

اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) سفارتڪارن، تجزيه نگارن ۽ مذهبي اڳواڻن چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جو ڪم آهي ۽ عوام جو ڪو گروهه حڪومت تي پنهنجي راءِ مڙهي ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، عالم سڳورن، سياستدانن، دانشورن ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جي پرتشدد مظاهرن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ پرتشدد ڪاررواين جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. انهن حڪومت تي زور ڏنو ته رياست جي عملداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ شرپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته حڪومت انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ تشدد جي رويي جي حوصلا شڪني جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، اهو قدم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه علامه سعد رضوي جي حراست کانپوءِ ان جي ڪارڪنن جي پرتشدد مظاهرن جي جواب ۾ کنيو ويو. تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن رستن ۽ وڏين شاهراهن کي بند ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا. اڳوڻي سفير آصف دراني ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جي ذميواري آهي، ڪو سياسي يا مذهبي گروپ ڪنهن معاملي ۾ حڪومت کي پنهنجي راءِ ته ڏئي سگهي ٿو پر هو ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جو فرانسيسي سفير کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو مطالبو سفارتي ۽ سياسي لحاظ کان مناسب نه آهي. اڳوڻي سفير چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي پرڏيهي پاليسي جي معاملن ۾ معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي سفير اياز وزير چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي قسم جا گروپ عالمي ايشوز تي حڪومت کي ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪن. عالمي معاملا سرانجام ڏيڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا مظاهرا جن ۾ رستا، شاهراهون بلاڪ ڪيون وڃن، ايمبولينسز جو رستو روڪيو وڃي، تشدد ٿئي ۽ عوام کي نقصان پهايو وڃي، اسلامي تعليم جي فروغ جي ابتڙ آهي. هن چيو ته سرڪاري فيصلا ماڻهن جي ڪنهن گروپ کي نه پر لاڳاپيلن (ماهر عملدارن) کي ڪرڻ گهرجن جيڪي عالمي معاملن ۽ بطرفن لاڳاپن جو ادراڪ رکن ٿا. تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪندي عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صوبائي صدر ايمل ولي خان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر ۾ هجڻ جي باوجود اي اين پي ملڪ جي نظرياتي سياسي پارٽي جي حيثيت سان سمورن شدت پسند گروهن جي خلاف ڪارروائي ۽ انهن تي پابندي لڳائي قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي حمايت ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پريشر گروپن پاران عوام جي جذبن سان کي کيڏي ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسيئيشن (سيفما) جي سيڪريٽري جنرل امتياز عالم چيو ته منهنجو ناهي خيال آهي ته مذهب تشدد، نفرت ۽ شرانگيزي جي اجازت ڏي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو رسول الله صه جي مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي حقيقت ۾ پاڻ صه جي تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو گروپ تي پابندي لڳائڻ ڪافي نه آهي، سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جي استعمال کي به روڪڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي به عوام جي اڪثريت رستن تي تحريڪ لبيڪ جي مظاهرين جي پرتشدد ڪاررواين کي تنقيد جو نشانو بڻايو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام درگاهن، اوليائن جي تبليغ، بزرگان دين جي محبت، اخلاص ۽ انسانيت جي درس جي مضبوط بنيادن تي قائم ٿيو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جهڙو شدت پسند گروهه اسلام جي ان سڃاڻپ کي بدلائڻ چاهي ٿو ۽ تشدد ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ هر مسلمان جو فرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي خلاف تشدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر واري خاص نمائندي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته جمهوري معاشرن ۾ پرامن مظاهرا عوام جو بنيادي حق هوندو آهي. هن چيو ته ڪا به رياست پنهنجي ماڻهن جي قتل، انهن جي ملڪيتن کي ساڙڻ ۽ انهن کي يرغمال بڻائڻ جي عمل کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اهو نه رڳو افسوسناڪ پر مذمت جوڳو به آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي بابت هن چيو ته موجوده حالتن جي ڏس ۾ حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.

مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil