اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي جس??س ي??ييٰ آفريدي چيف جس??س آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سروسز چيفس، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني?? گورنرز، وڏن وزيرن، وزيرن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز، ا??وڻن چيف جس??سز، لاء آفيسرن، وڪيل تنظيمن جي عهديدارن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جس??س ي??ييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارلياماني ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿيل 26هين ترميم تحت سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جس??س جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وزيراعظم صدر ڏانهن موڪلي هئي. بعد ۾ جس??س ي??ييٰ آفريدي جي بطور 30هين چيف جس??س مقرري جي منظوري ڏني وئي.