اسلام آ??اد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽي??ل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اس??مب??ي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽي??ل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائند??ي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پا??ٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.