اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت معاشي سڌارن ذريعي ملڪي معيشت کي مس??حڪ?? ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جن ۾ نجي شعبي جي حصيداري، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، پرڏيهي متا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قد?? ۾ بهتري شامل آهن، اهي قدم نه رڳو معاشي ??ست??ڪام جي راهه هموار ڪري رهيا آهن پر عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اهم آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشت جي ??ست??ڪام جون ڪوششون جاري آهن، جيڪي ملڪي ترقي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو ڪردار ڪاروبار ڪرڻ ناهي پر نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن بزنس ٽو بزنس ماڊل ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير گذريل 14-12 مهينن ۾ معاشي ??ست??ڪام ۾ نمايان اڳڀرائي جو حوالو ڏنو. پاڪستان بنيادي سرپلس حاصل ڪيو، پنهنجي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي هڪ بلين ڊالرن کان گهٽ ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪرنسي کي مس??حڪ?? ڪيو ۽ ٻن مهينن جي امپورٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن فائدن کي هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 6.9 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي سان مضبوط ڪيو ويو آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به گهٽ ۾ گهٽ شرح حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪ??ڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ ملڪ لاءِ توسيعي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۾ ??ست??ڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچاجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن ساختي سڌارن، پائيدار ترقي ۽ ٽيڪس سڌارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت ۽ حوصلي وارو آهي. هن ڪاورباري موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ پرڪشش مقام طور اڀري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد نجي شعبي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معيشت جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ مس??حڪ?? ڪرڻ آهي.