لنڊن -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلسن بدران عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته انتشاري سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، گارگند، انتشار ۽ فساد سان نه ئي م??يشت بهتر ٿيندي ۽ نه ئي معاشرو، هر صوبو ۽ هر ادارو عوام جي م??ئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي م??ابق وزيراعظم چيو ته انتشاري سياست کي رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي م??ئلن جو ??ل ۽ معاشي بهتري چاهي ٿو، جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جلسا 2028ع ۾ ڪنداسين، هاڻي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي، معاشي بحالي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، سياسي انتشار جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي م??اثر ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوام سياسي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري، معاشي تر??ي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي استحڪام لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي م??تقبل ۽ مهانگائي کان نجات جي ضمانت ثابت ٿيندو. هن چيو ته معاشي چئلينجز، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي قوم، سياسي پارٽيون، ادارا ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي افراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي، هن چيو ته وفاق سڀني صوبن سان گڏجي عوامي م??ئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مساوي ترقي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهندو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ واپس آئي آهي، معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. روانگي واپار ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽجڻ. اهي سڀئي معاشي تر??ي جا واضح ثبوت آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني جو اصل هدف اهو هجڻ گهرجي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي ۽ اها ئي اصل ڪاميابي هوندي.