اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي، زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائي اسان کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح ??وچ سان اڳتي وڌڻو آهي، آءِ ايم ايف جي 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ينگ پارليامينٽرينز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ 200 پوائنٽس جي گهٽتائي آئي آهي جنهن سان صنعتڪارن، سيڙپڪارن، زرعي شعبي ۽ ڪاروبار سان واڳيل ماڻهن کي ريليف مليو آهي، اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، اهي ٻئي خوش آئنده ڳالهيون آهن، اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ تيزي سان نمايان گهٽتائي آئي آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 9.6 سيڪڙو آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي محنت جي ڪمائي سان پرڏيهي ناڻو موڪلي رهيا آهن جنهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وز??راعظم چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ زرعي جنسن، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ وڌيڪ ا??افي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وز??ر پنهنجي ٽيم سان گڏ ان ڏس ۾ ڀرپور محنت ڪري رهي آهي، سمورا معاشي انگ اکر مثبت آهن، لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، حالتن جي ڌارا بدلائڻ جو فيصلو ڪندڙ قوتن ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان ۾ انهن حالتن کي بدلائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، اسان کي هڪ ٿي، گڏيل ڪوششن ۽ واضح ??وچ سان اڳتي وڌڻو آهي، اسان ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي راهه جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ماضي جي غلطين مان سبق سکي عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندو، نوجوان نسل جو ان ۾ اهم ڪردار آهي، اسان کي سمورن شعبن سان واڳيل نوجوانن کي مڪمل طور تي تعليم يافته ۽ بااختيار بڻائڻو آهي، نوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. وز??راعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ايجنڊا ۾ شامل آهي، اسان کي ان پروگرام جي لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽيڪس هنيا ويا، پگهاردار طبقي تي بار پيو، مهانگائي گهٽ ٿيڻ سان پگهاردار طبقي تي بار به گهٽ ٿيندو. وز??راعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ جي دائري کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، واپاري حلال رزق سان روزي ڪمائين ٿا ۽ ملڪي معيشت ۾ حصو وجهن ٿا، انهن کي پنهنجي ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪنهن هڪ شعبي تي ٽيڪس جو بار وجهڻ سان نه معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي خوشحال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته زرعي شعبي سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس غبن جي خاتمي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، قرضن ۽ آءِ ايم ايف سان ان کانسواءِ ڇ??ٽڪارو نه ملندو، منهنجي ڪوشش آهي ته هي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجي ۽ اسان کي ٻيهر آءِ ايم ايف طرف رجوع نه ڪرڻو پوي، ان جي لاءِ پنهنجي هدفن کي پورو ڪرڻو پوندو، سعودي عرب، چين، گڏيل عرب امارات اسان جا دوست ملڪ آهن، انهن آءِ ايم ايف جي پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وز??راعظم سينيٽر اسحاق ڊار،ن اڻي واري وز??ر جي سربراهي ۾ ناڻي واري وزارت جي ٽيم ان پروگرام جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي. هن چيو ته پنهنجي پيرن تي بيهنداسين ته عزت ۽ وقار ملندو، ان جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، الله تعاليٰ نيڪ نيتي سان محنت جو ڦل ڏي ٿو، اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان ڪيستائين قرضن تي هلنداسين، اسان کي ان مان جان ڇڏرائڻي پوندي، پوري قوم کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن ان ڌُٻڻ مان نڪري سگهون، ان کانپوءِ پوري دنيا ۾ اسان جو نالو ٿيندو. ان موقعي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سميت ينگ پارليرامينٽرينز نظم ۽ ضبط ۽ قانونسازي بابت تجويزون پيش ڪيون جن کي وز??راعظم محمد شهباز شريف ساراهيو.