لاهور _12 سيٽمبر (اي پي پي) تربيلا ڊيم پ??هن??ي تاريخ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. 50 سال اڳ 1974ع جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ڊيم مڪمل ٿيڻ تي تربيلا ريزروائر ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ويو هو. واپڊا ترجمان مطابق تربيلا ٽيم گذريل پنج ڏهاڪن کان قومي فخر جي علامت سمجهو ويندو آهي. اهو سنڌ طاس پلان تحت تعمير ڪيل منصوبن ۾ ا??م ترين منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ لکين ايڪڙ زرعي ايراضي کي پاڻي جي يقيني فراهمي ۽ ٻوڏ جي روڪ ٿام سان گڏوگ?? هزارين ميگا واٽ گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست پن بجلي مهيا ڪري رهيو ??هي. تربيلا ڊيم گذريل اڌ صدي دوران پاڪستان ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي جو ا??م ترين جزو آهي. ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اهو ڊيم ڪيتري قدر اهم آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته تربيلا ڊيم پ??هن??ي مڪمل ٿيڻ کان هيل تائين زراعت لاءِ پ??هن??ي ريزيوائر ۾ ذخيرو ڪيل 406 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ڪري چڪو آهي جڏهن ته تربيلا هائيڊل پاور اسٽيشن مان نيشنل گرڊ کي 590 ارب 36 ڪروڙ 10 لک يونٽ سستي پن بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پا??ي مان لڳ ڀڳ هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي برابر حاصل ٿيندڙ معاشي ۽ اقتصادي فائدو حاصل ٿيندو آهي. اهڙي طرح ان ڊيم مان 50 سالن ۾ پاڪستان کي 406 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر فائدو حاصل ٿي چڪو آهي.