اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حم??ي تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لا??ِ دعا ۽ پونئيرن جي لا??ِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم مقامي انتظاميا کي پونئيرن سان مڪمل تعاون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي ج?? فوري جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ان واقعي ج?? ذميوار دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قطعي طو?? تي قبول نه آهي، ملڪ مان دهشتگردي ج?? مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي ج??گ جاري رهندي.