اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلس??ين?? عوام تي اسرائيلي ڏاڍ، ظلم ۽ ايران ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هانيه جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متفقه قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فلس??ين?? عوام خلاف هلندڙ نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ فلس??ين??ن تي ڪيل ڏوهن تي جوابده بڻايو وڃي، عالمي برادري اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فلس??ين?? عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار قرارداد پيش ڪندي چيو ته فلس??ين??ن تي اسرائيلي ظلم ۾ واڌ ٿي آهي جنهن سان هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. قومي اسيمبلي ۾ سموريون پارلياماني پارٽيون گذريل 9 مهينن کان فلس??ين?? عوام خلاف جاري اسرائيلي ڏاڍ تي متحد ٿي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جتي تهران ۾ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اهڙن واقعن کي فلس??ين??ن خلاف جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي ڄاڻي واڻي طور ڏٺو پيو وڃي. محمد اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قيادت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي واضح فيصلن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، اسلامي تعاون تنظيم جي واضح فيصلن باوجود فلسطين جي آبادي کي انهن جي س??زمين تان بي دخل ڪرڻ تي ضد ٻڌيو ويٺي آهي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان تنبهه ڪرڻ باوجود اسرائيل بي گناهه فلس??ين??ن خلاف بنا فرق جي تشدد ۽ حملا بند نه ڪيا. قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي انهن سمورين شڪلن جي مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جي س??بن کان قطع نظر ۽ خطي ۾ وڌندڙ مهم جوئي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اه??ي طرح جا واقعا نه رڳو دنيا جي امن کي تباهه ڪن ٿا پر پهرين کان ئي عدم استحڪام جو شڪار خطي ۾ هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏين ٿا ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿا. تنهن ڪري هي ايوان فلسطين ۾ اسرائيل طرفان جاري رياستي ڏاڍ ۽ ظلم کي مسلمان امت ۽ دنيا لاءِ هڪ الميو قرار ڏئي ٿو ان جي مذمت ڪري ٿو. فلس??ين?? ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسماعيل هانيه جي ڪٽنب ۽ فلس??ين?? عوام سان تعزيت ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد2024 (2735 ) موجب فوري ۽ جامع جنگ بندي، مصيبت سٽيل فلس??ين??ن کي پائيدار ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ غزه مان اسرائيلي قابض فوج جي فوري نيڪالي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان قرار ڏي ٿو ته پاڪستان فلسطين کي امداد جي فراهمي جاري رکندو ۽ مظلوم فلس??ين?? ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڪستان ۾ طبي ع??اج سميت طبي امداد لاءِ موثر قدم کڻندو. فلس??ين?? ميڊيڪل جي شاگردن کي انهن جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مفت داخلا ڏني وڃي، پنهنجي فلس??ين?? ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار طور 2 آگسٽ تي پوري پاڪستان ۾ يوم سوڳ ملهائڻ سميت ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شهيد اسماعيل هانيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فلس??ين?? عوام خلاف ڪيل نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي هن جنگي ڏوهن ۽ فلسطين تي ڪيل انسانيت خلاف ڏوهن جو جوابده بڻايو وڃي، قومي اسيمبلي جو هي ايوان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فلس??ين?? عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. قومي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.