اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نئون قرض ??رو??رام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو، قرضن کا?? نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب آءِ ايم ايف پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض ??رو??رام تي آمادگي جو اظهار ڪيو، جنهن تحت پاڪستان کي 7 ارب آمريڪي ڊالرز ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورائتو آهيان. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري رکيون پئي اچي، آءِ ايم ايف ??رو??رام سان ??اڪستان ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن سان گڏوگڏ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو ويندو، گذريل هڪ سال دوران ??اڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا ۽ معاشي استحڪام کي هٿي حاصل ٿي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سميت س??وري معاشي ٽيم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نئون قرض ??رو??رام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو، انشا الله قرضن ما?? نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي استحڪام کان ??ضبوط ۽ پائيدار بحالي طرف وٺي وڃڻ اسان جو عزم آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي، جنهن ڏينهن اسان ??رضن ما?? نجات حاصل ڪند??سي??. حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳيان ??ڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن سان ??لڪ جي اقتصادي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي راهن جو تعين ڪرڻ سان ??دد ملندي. حڪومت پاليسي سڌارن ۽ مالياتي هدف کي سختي سان عملدرآمد ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي جو سهارو بڻي. وزيراعظم چيو ته اسان ??عيشت ۾ بهتري لاءِ ايڪسچينج ريت کي مستحڪم ڪيو، پائيدار اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پاڪستان کي استحڪام جي مرحلي کان اڳتي وٺي وڃي طاقتور معيشت طرف وڃڻو پوندو. انشا الله اسان جي قدمن سان ??عاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو.