اسلام آباد- 13 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سينئر صحافي ??ون ساهي ۽ نوخيز ساهي جي والده جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي سيڪريٽري چيو ته ??ون ساهي ۽ نوخيز ساهي جي والده جي وفات جي خبر ٻڌي د??ي افسوس ٿيو. هن چيو ته امڙ جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي مائرن جي زندگي هميشه پنهنجي ٻارن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي. وفاقي سيڪريٽري ۽ پي آءِ او چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ گهرڀاتين سان گڏ آهيون. هنن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطافرمائي ۽ ڏکويل ڪٽنب کي صبر ۽ همت سان اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي.