اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) زرعي شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب اقتصادي اوسر واري شرح ۾ اضافو ٿيو، زراعت جي شعبي ۾ هي گذريل 19 س??ل دوران سڀ کان وڌيڪ ترقي آهي. مالي سال 24-2023ع دورا?? زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي اوسر واري شرح 6.25 سيڪ??و رهي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي فصلن ۾ بهتري سا?? زراعت جي شعبي ۾ ترقي ٿي ۽ مالي سال 24-2023ع دورا?? زرعي شعبي ۾ ترقي جي شرح 6.25 سيڪ??و رهي، صنعتي شعبي ۾ به هاڪاري اوسر واري شرح رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران ڪپهه جي پيداوار ۾ 108 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ 10.2 ملين بيلز جي پيداوار ٿي، چانورن جي پيداوار ۾ 34.8 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 9.87 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ 11.6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 31.44 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، لائيو اسٽاڪ جو زراعت جي شعبي ۾ حصو 60.84 سيڪ??و رهيو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ لائيو اسٽاڪ جي شرح 14.63 سيڪ??و رهي، لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 3.89 سيڪ??و رهي.