اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کا?? وڌ ريليف ڏ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر کي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪ??متي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪ??مت جي مسلسل قدمن جو ثمر آهي. وقتي صدر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کا?? وڌ ريليف ڏ??ڻ ۽ اوڳاڙيو?? وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪ??ت عملي جي ضرورت آهي.