اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) علي پرويز ملڪ مملڪتي وزير ??ي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زردا??ي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزي?? محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزي?? محمد اورنگزيب، پارليامينٽ ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. علي پرويز ملڪ تازو ئي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي لاهور جي تڪ اين اي 119 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو.