اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪوم?? جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداو??ري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ريشنلائيزيسن جي حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪوم?? جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداو??ري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهري??و صارفين کي فراهم ڪئي وي??دڙ بجلي جي اگهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع و??ري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار و??ري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار و??ري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور و??ري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم و??ري وفاقي وزير مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي.