اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪ??ڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي س??ڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي س??ڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ?? اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي س??ڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي س??ڙپڪارن جي س??ورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري س??ولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪستان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترق?? لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.