اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان گڏجي ڪم ??رڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ??رڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻ??هر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪم ??رڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي ??ان پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ??رڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻ??هي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ??رڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي ??ي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.