اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي عيدالفطر جي موقعي تي ملڪ ۾ امن امان يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انهن جون ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪ فوج جي آ??يس??ن ۽ جوانن، چئني صوبن جي آءِ جيز، سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ انتظاميا جي آ??يس??ن جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي آ??يس??ن ۽ اهلڪارن جون لازوال قربانيون آهن. عيد جي خوشي جي موقعي تي پ??هن??ي پيارن کان پري فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ مقرر پاڪ فوج، پوليس، سيڪيورٽي ۽ انتظاميا جي آ??يس??ن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي.