اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل فائدي جي لا??ِ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون ??ي سگهه ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني سفير صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻنهي جي وچ ۾ تار??خي?? مذهبي ۽ ثقافتي رشتا آهن جيڪي وقت ??ان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي، بئنڪنگ تعاون ۽ فضائي ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان چاهه بهار – زاهدان ريل روڊ ??ان وچ ايشيا، يورپ ۽ ترڪيءَ ??ان واپاري جي لا??ِ فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاران صدر جي لا??ِ مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو.