اسلا آباد-01 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ا??حادي پارٽين جو اميدوار سردار اياز صادق 199 و?? کڻي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف کائنس ميمبرشپ جو حلف ورتو. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، پولنگ جو عمل 11 وڳي کان جمعي جي نماز بعد تائين جاري رهيو جنهن کا??پو??ِ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ٻئي عملي سان پولنگ ا??جن??ن جي موجودگي ۾ ووٽن جي ڳڻپ ڪئي، ڪل 291 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ووٽ رد ٿيو. سردار اياز صادق 199 و??ٽ جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. ڳڻپ کا??پو??ِ اتحادي پارٽين جي ميمبرن سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون. ان کا??پو??ِ نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي حريف سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق قومي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو. هو ان کان اڳ 2013 کان 2018 تائين به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهيو.