اسلام ??باد -10مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پشاور جي بورڊ بازار ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مزمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي کي پاڙئون پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ وز??راعظم حملي ۾ شهيد ٿي ويلن جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل ۽ حملي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ هن متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ڪندي حملي ۾ زخمين ??ي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.