ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به چونڊون 2024ع لاءِ پو??نگ جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي ويو، چونڊون صبح 8 وڳي کان شام پنج وڳي تائين بنا رڪاوٽ جي جاري رهيون، ان مو??عي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي وڏ?? انگ سميت بزرگ شهرين ۽ عورتن به پنهنجي ووٽ جي حق جي استعمال لاءِ پو??نگ اسٽيشنن جو رخ ڪيو. بلوچستان جي نگران وڏ?? وزير مير علي مردان ڊومڪي سڄي صوبي ۾ پرامن چونڊون ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان جو عوام عام چونڊن جي جمهوري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي صاف ۽ شفاف چونڊن ??ري??ي پنهنجي پارلياماني نمائندن جي چونڊ ۾ گهري دلچسپي ورتي.