اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بريل رسم الخط ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي?? بريل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير پهچ جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسان ??ي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بريل رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي علم ت??ئي?? پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بريل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي?? بريل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي پهچ وڌائڻ طرف پاڪستان ??ي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجاد، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان ??ريل خواندگي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان ??المي سطح تي مڃيل ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي بريل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن ت??ئي?? پهچ ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بريل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان ??امع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن?? بريل رسم الخط سان پاڪستان ??عليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن ت??ئي?? برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي اسان ??هڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.