لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سرڪاري آفيسر عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، ٽيم ورڪ سان اسان ڪنهن ڪم کي بهتر طور تي سرانجام ڏئي سگهون ٿا، اسان جمهوريت جي لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول سروسز اڪيڊمي ۾ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام تحت تربيت مڪ??ل ڪندڙ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 46 آفيسرن ۾ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سول سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل فرحان عزيز خواجه پڻ موجود هو، تربيت مڪ??ل ڪندڙن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سميت سمورن صوبن جا آفيسر شامل هئا. تق??يب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي انسانيت جي ختم ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، ايڊمنسٽريٽو آفيسرن کي شيرواني ۾ ڏ??ي خوشي ٿي، توهان پاڻ کي منظم ڪريو ۽ خوشي جو ڪو لمحو هٿ مان نه وڃائڻ ڏيو، توهان خوش هوندا ته توهان جا خاندان به خوش هوندا. هن تربيت مڪ??ل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن کي چيو ته اهي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن، اڄ جو ڏينهن تربيت مڪ??ل ڪندڙ آفيسرن جي لاءِ هڪ عظيم ڏينهن جي ح??ثيت رکي ٿو، جيڪو انهن کي سڄي زندگي ياد رهندو. صدر سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين، عوامي ڀلائي ۽ انهن کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون جوڙين ته جيئن عام ماڻهو جا مسئلا فوري ح?? ٿي سگهن. هن آفيسرن کي مخاطب ٿي چيو ته توهان سول سرونٽس ٿيڻجي ناطي معاشري جي بهتر اصلاح ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ۾ رهو ڇو ته عوام جون اميدون توهان سان واڳيل آهن. هن چيو ته سول سرونٽس ملڪي مشينري جو اهم حصو آهن جنهن کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي معاشري جي ح??يقي معنيٰ ۾ اصلاح ممڪن آهي تنهن ڪري توهان لگن ۽ محنت سان مهذب معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريو. صدر حضور پاڪ ﷺ جي سيرت طيبه، خلفاءِ راشين جي طرز حڪمراني ۽ قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي آفيسرن کي چيو ته اهي عام انسان جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ۽ پنهنجا دورازا عوام جي لاءِ کليل رکن. هن چيو ته ٻين سان تعاون ڪرڻ کانسواءِ توهان خوش نٿا رهي سگهو، خوشي جي لاءِ هر لمحي جي ڳولا ڪريو ۽ ان جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي اندر نفرتون عروج تي جڏهن ته محبت جي کوٽ آهي، ننڍا ننڍا عيب ظاهر ڪيا وڃن. هن درياءَ ۽ سمنڊ جو مثال ڏيندي چيو ته درياءَ زمين کي سيراب ڪري ٿو جڏهن ته سمنڊ ۾ سڀ ڪجهه گهلي ملي وڃي ٿو. هن چيو ته سڀ کان اڳ پنهنجو پاڻ سان محبت ڪريو، ٻين بابت دل مان نفرتون ڪڍو، خاندان سان محبت جو سفر شروع ڪريو جيڪو پاڙيسرين، قوم ۽ انسانيت کان ٿيندوا الله تعاليٰ سان محبت تي وڃي ختم ٿئي. صدر چيو ته توهان جو لائيف اسٽائيل اهڙو هجي جو ماڻهو توهان جي ويجهو اچي سگهن، پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ جمعي جي نماز پڙهايو يا پڙهو ان سان ماڻهن سان ملاقات ڪري فاصلا گهٽ ڪري سگهجن ٿا. انسانيت سان پيار ڪرڻ جي ح??الي سان صدر علامه اقبال ۽ مولانا جلال الدين رومي جي حڪايت جو به ذڪر ڪيو. آخر ۾ هن ڪورس مڪ??ل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪورس مڪ??ل ڪندڙ آفيسر پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ بهت??ين خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار پاليسيون جوڙيندا. تق??يب ۾ صدر تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ شيلڊ ورهايون، بهت??ين اسپورٽس پرسن جو ايوارڊ آفتاب منير ۽ عورتن ۾ ايمان ظفر، بهت??ين هارس رائيڊر جو ايوارڊ ڪيپٽن رٽائرڊ فريد باديني، بهت??ين ڪنڊڪٽ جو ايوارڊ سنبل جاويد جڏهن ته بهت??ين اڪيڊمڪ جو ايوارڊ احسن نواز گوندل کي ڏنو ويو. نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ بهت??ين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي سلمان يوسف کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.