اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي مسلسل ۽ انڌاڌنڌ بمباري، غزه جو غيرانساني گهيراءُ ۽ شه??ي هدف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملن هڪ ناقابل قبول انساني صورتحال پيدا ڪر?? ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عام جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شه??ي مارجي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فوج مڪمل ڇوٽ سان ڪر?? رهي آهي ڇو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ والاريل غزه ۾ ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪر??ون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي گذريل هفتي جي قرارداد فلسطين جي صورتحال تي وڌندڙ عالمي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪر?? ٿي. هن چيو ته اسان اميد ڪر??ون ٿا ته اها غزه ۾ قتل عام جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪر?? جي پنهنجي ذميواري پوري ڪر?? گهرجي. گڏيل قومن کي غزه جو گهيراءُ ختم ڪر??، شه??ين جي حفاظت ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا رڪاوٽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن ۾ سهولت فراهم ڪر?? جو مطالبو ڪر?? گهرجي.