ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪ??تا?? ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪ??تا?? جي لاءِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 1.8 ملين پاڪ??تا??ين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خصوصي طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لاءِ يو اي اي جي صدارت جي لاءِ پاڪ??تا?? جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ??تا?? ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانشل سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏيل عرب امارات جي پاڪ??تا?? ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏيل عرب امارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.