اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ا??لاس جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيل جي خلاف گڏيل قومن جي قراردادن کي لاڳو ڪري. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پڌرنامي ۾ قابض فوج کي هٿيارن جي برآ??د بند ڪرڻ جو مطالبو ۽ عالمي فوجداري عدال?? کان اسرائيلي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ا??لاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، اهو سربراهي ا??لاس والاريل فلسطين ۾ غيرانساني ا??رائيلي جار??يت ۽ سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهراوي ويو هو. هن چيو ته نگران وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ جون 1067ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قابض فوج پاران عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ا??پتال کي نشانو بڻائڻ ۽ غزه جي ا??پتالن جي خلاف اسرائيل جي جنگ جي پڻ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان الشفاءَ اسپتال ۾ اسرائيلي دراندازي، مريضن، طبي عملي ۽ شهرين کي خطري ۾ وجهڻ سان حيران آهيون، عالمي برادري ا??رائيل کي ا??پتالن تي حملن جي لاءِ جوابده قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل کي ڄاڻي واڻي طور تي مسجدن، گرجا گهرن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ پڻ جوابده هجڻ گهرجي جيڪي شهرين کي پناهه ڏين ٿا جيڪي ا??رائيل پاران پنهنجي گهرن جي تباهي جي ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته شهرين جي بنيادي ڍانچي ۽ خودمختياري جي علامتن کي تباهه ڪري ا??رائيل ڄاڻي واڻي غزه کي پنهنجي شهري آبادي جي لاءِ رهائش جوڳو بڻائي رهيو آهي، اسرائيل جي حامين کي ا??رائيل کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي پنهنجي منصوبن تي عملدرآمد کان روڪڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن ته گڏيل عرب اسلامي سربراهي ا??لاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورن ملڪن کي قابض عملدارن کي هٿيارن ۽ گولي بارود جي برآمدات کي روڪڻ گهرجي جيڪي ان جي فوج ۽ اتي رهندڙ فلسطينين کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن، ملڪيتن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي جاري جار??يت کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ۽ بامعنيٰ طور تي ڪم ڪري ۽ والاريل فلسطين ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهن جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.