اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پ??ڪس??ان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي، پ??ڪس??ان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پ??ڪس??ان يوڪري?? سان روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان آمريڪا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پ??ڪس??ان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ پ??ڪس??ا?? سان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر ق??م پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ آهي ۽ پ??ڪس??ان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پ??ڪس??ان جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريق?? سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پ??ڪس??ان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پ??ڪس??ان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتاري?? سان ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزع??ل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پ??ڪس??ان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.