نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان م??اقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي ل??ءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃ??ا. ??ن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران م??ڪي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي ل??ءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحالي جي ل??ءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي.