اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي تورغر جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ضلعي تورغر ۾ مختلف ت??قياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر – بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان گڏ ان موقعي تي مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ضلعي تورغر ۾ روڊ، پلين ۽ ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان ضلعي تورغر ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نو??ز شريف پنهنجي دور ۾ هتي تاريخي منصوبا شروع ڪيا. گذريل حڪومت انهن منصوبن کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو. نو??ز شريف جي منصوبن کي اڳتي وڌايو ويندو. بجيٽ ۾ انهن منصوبن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. وفاقي حڪومت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ منصوبي جي معاونت ڪندي. وزيراعظم کي ب??نير ۾ به مختلف ت??قياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف هدايت ڪئي ته بونير ۽ تورغر جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترجيحي ب??يادن تي مڪمل ڪيو وڃي. انهن منصوبن تي ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ معيار ۽ شفافيت تي ڪو ??ه ٺاهه نه ڪيو وڃي.