اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب ??سيمبلي جي اڳوڻي ميمبر خواجه عمران نذير جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ت?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد پنجاب ??ي نوجوانن کي ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج ت??سي?? پيش ڪيو. وفد بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ملڪ خاص طور تي پنجاب ??ي آبادگارن ۽ نوجوانن جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي منظوري تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.