اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان سان ٻطرفي سياسي لاڳاپن ??ي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس رابطن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو هدف آهي، ترجيحي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون ??ي فروغ جي لاء?? آذربائيجان جي قيادت ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندس. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي هو آذربائيجان جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، هي دورو ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار حصيداري جي اسان جي حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ توانائي، بئنڪاري، مالياتي خدمتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون ??ون نيون ??اهون کولڻ جي لاء?? آذربائيجان جي قيادت ??ان اهم ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن ??ي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ٺوس لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جو بنيادي هدف آهي. هن چيو ته اسان جي توانائي جي تحفظ جي پاليسي ۾ وچ ايشيا مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جي لاءِ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.