اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي ختم ڪ??ي سگهجي ٿو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??هڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن جي پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چ??و ته چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چ??و ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو خاتمو ڪ??ي سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چ??و ته پاڪستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ ٻارن جي پورهئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چ??و ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، م??اش??ي، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت م??اش??ي جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.