اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 جون تي انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ڏني آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه ??ي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب اردوان جي ترڪيه جي صدارت جي ل??ءِ ٻيهر چونڊجڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه ??ي وچ ۾ گهڻ رخي ل??ڳاپن ??ي وڌيڪ فروغ جي ل??ءِ وزيراعظم صدر اردوان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏ??ل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي تي ٻڌل آهن ۽ اهي گڏ???? اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي هم آهنگي سان مضبوط ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گهري ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.