اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منصوبابندي تحت ڪيو ويو، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو نه اهو پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي، عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو هو، عمران خان کي ان ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز موڪليا ويا، هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي رهيو هو. هن کي ان ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻو هو، عمران خان نيب کي گهربل هو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳوا?? پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جو ترغيب ڏيندا رهيا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪو ڪيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، ڇا اهو عوامي ردعمل هو؟ اهو منصوبابندي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ چون ٿا ته ڪالهه جيڪو ٿيو اهو ??سا?? ناهي ڪيو، انهن ڪالهه ڇو نه چيو هو ته اهي ??سا?? جا ماڻهو نه آهن. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪالهه عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا، ان جي ليڊرن انهن کي ڇو نه روڪيو، سياسي پارٽي اهڙو ردعمل ناهي ڏيندي. هن چيو ته ??سا?? جا ماڻهو به گرفتار ٿيا هئا، نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق سميت ڪيترائي اڳواڻ به گرفتار ٿيا هئا، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو هو ۽ آشيانا ۾ گرفتار ڪيو ويو، ??سا?? ڪڏهن به اهڙو ردعمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي ڏنو آهي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏهن زمان پارڪ ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته پوليس وارن تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪري رهي آهي، اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڏسي رهيو آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ان جو باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ٻيون ايس او پيز به مڪمل ڪيون ويون. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو اهو نه پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي. گذريل ڏينهن سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويندو.