اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري س??يل علي خان چيو آهي ته ميڊ??ا جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پي اين اي جي باني صدر خوشنود علي خان جي سربراهي ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري س??ڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر ممتاز حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي س??ڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائي جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد بحران جو شڪار آهي، م??دي?? انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائي جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي س??نٽرلائيزڊ ميڊيا پاليسي جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙن جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پاڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قومي وحدت جي لاءِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليسي جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي اين اي ??اه?? ٿي ته اشتهارن جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري س??ڪريٽري س??يل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊ??ا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلاتن جي باوجود ان جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊ??ا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضافي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي ايڊيٽر ممتاز حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي ايڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازالي جي لاءِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد ممتاز حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد ف??رو?? ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني س??ام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني انڪشاف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (ايڊيٽر روزاني س?? نيوز) شامل هئا.