اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوه آمريڪا کي توها?? جي خلاف ڪيو هو ته پوءِ توهان آمريڪي سازش جي واويلا ڇو ڪئي ۽ سائفر ڇا هو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خا?? جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن باجوه آمريڪا کي عمران خا?? جي خلاف ڪيو ته پوءِ امپورٽيڊ حڪومت ۽ عالمي سازش ڇا هئي؟ جيڪڏهن باجوه ۽ آءِ ايس آءِ ٻڌايو هو ته توهان جا مخالف چور آهن ته پوءِ توهان جا الزام ڇا هئا؟ جنرل توهان کي ۽ توهان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو باقي سڀ ٻي?? جي چوڻ تي ڪيو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻي?? جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا باجوه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينش?? جي آفر ڪري رهيا هئا؟ باجوه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنه?? جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو، عوام ۽ مل?? سا?? جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن مل?? سان ??هڙ?? ??لم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ رڳو پنهنجي گهرواريءَ ۽ ا?? جي سهيلي ف??ح گوگي کي نوازيو، چار سال رڳو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس مافيا کي نوازيو. هن چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي، توهان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائند?? جي توهين ڪئي.