اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ ج?? لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پا??ستان – ايران سرحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار جي فروغ لاءِ بارڊر مارڪيٽ ج?? افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ ج?? قيام س??ن سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد وا??ار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ ج?? بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.