اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير ايرلنگ رمسٽاد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ سيڙپڪاري، ميري ٽائيم، موسمياتي ت??ديلي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ناروي ه?? سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ڪري رهيا آهن.