اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي ??وا?? جي محنت جي ڪمائي ??ان هيرن جون منڊيون خريد ڪندڙن کي پنجاب جي ??وا?? سڃاڻي وئي ??هي، فارن ايجنٽ جو ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان وفاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، ووٽ جي طاقت سان انهن ڦورن، فارن ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چار سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ?? فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو ويو، اسان پنجاب ۾ ٻيهر خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پنجاب جي ??وا?? مفت علاج، تعليم ۽ بهترين رستا ڏينداسين، پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين ۽ گذريل چار سالن دوران پنجاب جي ??وا?? سان ٿيندڙ ??يادتين جو ازالو ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تي ڌڪيندڙن کي ??وا?? ووٽ نه ڏيندي، پنجاب جي باشعور ??وا?? پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، فارن ايجنٽس، چورن، پنجاب کي ڦرڻ، اجاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندي.