اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي سان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي ل??ءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ملڪن جي نقصانن جي ازالي ل??ءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق ر??ءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئ?? طرف هڪ شخص انتشار، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هڪ طرف اهو شخ?? آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئ?? طرف اهو ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خلفشار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئ?? طرف اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مريم ا??رن??زيب چيو ته هڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ مع??شي بنيادن کي مضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئ?? طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي آور آهي. هن چيو ته هڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست ملڪن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئ?? طرف سازشي بيانيو ٺاهيندڙ مڪار، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار جي ل??ءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.