اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته الله والا چوڪ ۾ فائرنگ جو واقعو ۽ سوچ جي شديد مذمت ڪندي پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان واقعي جي صاف شفاف جاچ لاءِ سينئر آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، فائرنگ ڪندڙ شخص جي گرفتاري، اعترافي بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت پاران وزيراعظم، مون تي ۽ اداري تي الزام بنا جواز آهن، ناقص سيڪيورٽي هئڻ ۽ جوابدار جو اعترافي بيان ليڪ ٿ??ڻ تي پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن هر وقت تشدد جو فصل پوکيندا ۽ مارڻ جون ڳالهيون ڪندا ته تشدد ۽ نفرت جو بيانيو وڌندو، اوهان اهو نه سمجهو ته ان جو نشانو صرف مخالف ٿيندا پر اوهان پاڻ به ان جو نشانو بڻجندا، هڪ اداري جيڪو س??اس?? طور تي اوهان جي ڪم نه اچي رهيو آهي، ٻيهر اقتدار تي آڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ اوهان جي س??اس?? خواهش کي پورو ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي ته هر معاملي ۾ ان کي گهليو وڃي ٿو، هو اداري هن ملڪ جي بقا، دفاع، سرحدن جو محافظ آهي، هن اداري خلاف اهڙي مهم جوئي ڪري رهيا آهن جيڪو دشمن ملڪ کي پسند اچي رهيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سا?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ شام جو الله والا چوڪ ۾ پيش آيل واقعي ۾ عمران خان، فيصل جاويد سميت 5 ماڻهو زخمي ۽ معظم نالي شخص مارجي ويو، اسان ان واقعي جي مذمت ۽ دلي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هن ??يو ته سياست ۾ پريس ڪانفرنس يا تقريرن جي حد تائين ڪنهن ??الهه جو جواب ڏنو وڃي ٿو، اسان ته ان ۾ به چاهيون ٿا ته شائستگي، عزت ۽ احترام ۽ س??اس?? رواداري هجي، بدقسمتي سا?? 2014ع کان هڪ اهڙي روش اختيار ڪئي وئي آهي جيڪا س??اس??، احترام، راوداري، ٻين جي عزت کي نظر ۾ رکڻ بدران ٻين کي بيعزتو ڪرڻ تي وڌيڪ زور رهيو، اهي شيون س??اس?? بيانن ۽ تقريرن جي حد تائين رهن ته نامناسب آهن پر برداشت جوڳيون هجن ٿيون پر جڏهن تشدد جو عنصر شامل ٿي وڃي ته اهڙي ذهن ۽ سوچ جي اسان مذمت ۽ مخالفت ڪئي آهي. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت سا?? سڀ هن واقعي تي دلي جو افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ??يو ته هن واقعي ۾ پي ٽي آءِ جي ان ڪارڪن کي جنهن حملي آور کي پڪڙيو آهي ۽ پوليس ان کي فوري طور گرفتار ڪيو ان تي ان ڪارڪن ۽ پوليس جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪريان ٿو، ائين نه ٿئي ها ته ڪجهه ماڻهن ??ي س??اس?? دڪان چمڪائڻ لاءِ موقعو ملي وڃي ها، هن ??يو ته وزيراعظم پنجاب حڪومت کان ان واقعي جي رپورٽ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي گهرو وزارت لکت ۾ پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي. هن ??يو ته گهرو وزارت پنجاب حڪومت کي اها به پڻ خاطري ڪرائي آهي ته هو ان معاملي جي جاچ لاءِ جيڪا مدد گهربل هوندي وفاق اها ڏيڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته هن واقعي جي انڪوائري لاءِ سينئر آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن ان ۾ شروعاتي مرحلي ۾ ئي جاچ جو عمل شفاف ۽ مستند هجي ۽ اصل صورتحال ماڻهن جي سا??هون آڻي سگهجي.هن ??يو ته تشدد جي هر صورت ۽ شڪل جي اسان مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ مذهبي تعصب جو شڪار رهي، اسان تي فتويٰ جاري ٿيندا رهيا، قائد محمد نواز شريف تي حملا پڻ ٿيا، اسان سدائين درگزر ۽ معافي کان ڪم ورتو، ان جو هاڻوڪو مثال مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جتي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ پڻ بي ادبي ليکي وڃي ٿي اتي س??اس?? جماعت جي چوڻ تي اعتراض جوڳو رويو اختيار ڪيو ويو ڪنهن عورت کي عزت نه ڏني وئي ۽ نه ئي ملڪ جي وقار کي سا??هون رکيو ويو. اهڙي جملي بازي ڪئي وئي ۽ غنڊا گردي ڪئي وئي سعودي حڪومت انهن ماڻهن ??ي گرفتار ڪري مثالي سزائون ڏنيون وزيراعظم ان دوري کانپوءِ پهريون ڀيرو سعودي عرب ويو انهن جي معافي لاءِ شهزاده محمد بن سلمان کي گذارش ڪري قيد کان آزادي ڏياري جن جي چوڻ تي اعتراض جوڳو عمل ڪيو ويو، انهن ٻيهر پوئتي نه ڏٺو، گهرو وزير چيو ته اڄ جڏهن اهو واقعو ٿيو آهي ته وڊيو سڀني سا??هون آهي، جن ڇلانگ لڳائي ۽ ڀڄي ويا ۽ انهن واپس اچي الزام لڳائڻ شروع ڪيا، شيرين مزاري ڪهڙي طرح ان واقعي جو الزام وزيراعظم، مون تي ۽ هڪ اداري تي لڳايو، فواد چوڌري گهرن تي حملن لاءِ اڪسايو ته ان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان جو گهر پڻ زمين مٿان آهي، هن باهه تي اوهان پاڻ به سڙي سگهو ٿا جيڪڏهن ٻين جي گهرن تي حملا ڪندا ته اوهان جا گهر به نه بچندا، هن ??يو ته اسد عمر عمران خان طرفان بيان ڏنو ته ان واقعي جي ذميداري گهرو وزير ۽ هڪ اداري تي لاڳو ٿئي ٿي، هن ??يو ته حملي آور جي اعترافي بيان کانپوءِ اهڙا بيان بلا جواز آهن، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ گجرات جو ٿاڻو آهي، اها ڳالهه جيڪا پهرين موقف طور سا??هون آئي اها ڳالهه هتي ٻيهر نٿو ورجايان، هن ??يو ته جڏهن قوم جي جوانن کي گمراهه ڪندا ته ان ۾ ڪجهه گمراهه اوهان خلاف پڻ ٿي سگهن ان لاءِ بنا ڪنهن جاچ ۽ شاهدين جي ان واقعي کي پنهنجي گهٽيا س??اس?? مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش جي ڪوشش ڪئي، ان سوچ جي به شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، گهرو وزير چيو ته ان واقعي ۾ مارجي ويل معظم جا ٻار به موجود هئا، ان شخص کي ان ڀاڄ ۾ سيني تي گولي لڳي، ان جي قتل کي پڻ س??اس?? مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، هن ??يو ته اسان پنهنجو حساب ڪري ڇڏيو آهي، اوهان جي گهٽيا پيغام سا?? ڪيترا ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن ۽ ادارن خلاف نفرت اوڳاڇي آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ان واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي سا??هون اچي وڃي ته سيڪيورٽي جا انتظام مناسب نه هئا، قدم کڻڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جي ذميداري پنجاب حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، هن ??يو ته جوابدارن جي شروعاتي بيان جي تمام وڏي اهميت هوندي، اها وڊيو رڪارد ٿيڻ گهربي هئي، پوليس درست عمل ڪيو آهي، ميڊيا تائين نه وڃڻ گهرجي ها، شرم اچڻ گهرجي ته ان تي وزيراعظم ۽ مون کان استعيفا گهري رهيا آهن، سيڪيورٽي ناقص هجڻ ۽ جوابدار جو اعترافي بيان ليڪ ٿ??ڻ تي پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن ??يو ته جيڪڏهن هر وقت تشدد جو فصل پوکيندا هر وقت مارڻ جون ڳالهيون ڪندا ته تشدد ۽ نفرت جو بيانو وڌندو ته اوهان اهو نه سوچيو ته ان جو نشانو مخالف ٿيندا اوهان به ان جو نشانو بڻجندا، آئين ۽ قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته هن واقعي جي جيڪا مرضي آهي ايف آءِ آر ڪٽرائين، حقيقتون ۽ ثابتيون ٿابت ڪن ٿيون، حملي آور جي وڊيو کي ڪٿي کڻي ويندا، ان جوابدار کي پوليس جي مدد سا?? موقعي تان گرفتار ڪيو ويو آهي، هن ??يو ته هي واقعو ئي خوني لانگ مارچ هو، روزانو ڪنهن نه ڪنهن جي جان ورتي آهي، جيڪو هن واقعي ۾ زخمي ٿيا آهن انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته فواد چوڌري جڏهن اهو چيو ته نڪرو ۽ بدلو وٺو، اها سوچ تمام خطرناڪ آهي، ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي سطح تي سمورن طبقن کي گڏ ٿيڻ گهرجي، هن ??يو ته س??اس?? معاملن جو هميشه گڏجي ويهي حل ڪڍڻ گهرجي، س??اس?? ڪارڪن طور تي ان ۾ ڪي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي هر معاملي ۾ گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته ان جو حل ڇا آهي، ڇا ائين ۽ جمهوريت ۾ ان جي ڪا گنجائش آهي، هن ??يو ته عمران خان جو بيانيو تباهي جو بيانو آهي، عدليه ۽ سمورن ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي نه ته جنهن رستي تي هو هلي رهيو آهي اهو تباهي جو آهي، هن ??يو ته جڏهن ته اهڙا اجتماع جتي ماڻهو وڌيڪ هوندا ته ڪو به پرتشدد ذهن فائدو کڻي سگهي جيڪو جوابدار پڪڙيو ويو آهي ان جو پڻ بيڪ گرائونڊ سا??هون اچي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عمران خان کان پوري قوم کي خطرو آهي، سيڪيورٽي ادارا اڳ ئي فول پروف سيڪيورٽي ڏئي رهيا آهن ان جي سيڪيورٽي لاءِ فڪر مند آهيون، ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪي قدم کڻڻا هوندا اهي کڻنداسين، هن ??يو ته ميجر جنرل فيصل پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سا?? ادا ڪري رهيو آهي، بنا ڪنهن شاهدين جي پروپيگنڊا شروع ڪئي وڃي ٿي، هن ??يو ته هن واقعي ۾ بريسٽ فائر ٿيو ۽ بعد ۾ ٻه فائر ٿيا، جنهن شخص کي لڳا حملا آور جي آڊيو وڊيو سا??هون اچي چڪي آهي ان کانپوءِ سڀني جو رڪارڊ پڻ اچي چڪو آهي، هن ??يو ته انڊين ميڊيا تي ٿيل پروپيگنڊا جو جواب اطلاعات واري وزارت ڀرپور انداز ۾ ڏئي رهي آهي، پاڪستاني قوم پڻ حڪومت جي موقف سا?? گڏ آهي.