اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف جمهوريه ڪينيا جي صدر وليم روٽو کي ??يل??فون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس ڪندي انصاف جون گهرجون پور??ون ڪرڻ ۽ ميت جي و??پس?? جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري پاران واقعي تي شديد ڳڻتي کان ڪينيا جي صدر کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم مرحوم ارشد شريف جي ميت جي جلد و??پس?? لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪينيا جي صدر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جون گهرجون پور??ون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪينيا جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ مرحوم ارشد شريف جي ميت جي و??پس?? جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.