اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي پنه??جي والد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان ملاقات جي تصوير ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي چيو آهي ته هي تصوير اهو درد بيان نه ٿي ڪري سگهي جيڪو نواز شريف ۽ بهادر مريم ناحق قيد، الزامن، ذهني ا??يت، پنهنجن کي وڃائڻ جي ڏک جي صورت ۾ برداشت ڪيو. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته (هو پنه??جي والده) بيگم ڪلثوم نواز کان (ان وقت) پري ڪئي وئي جڏهن ان کي ويجهو رهڻو هو، (ڇا) ان ناانصافي جو ازالو ممڪن آهي؟ والد سان گلي لڳل سرخرو ڌيءَ، پر مشڪلاتن ۽ ظلم ۾ هڪ ڳوڙهو به نه ڪريو.