اسلام آباد – 05 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي خلاف نفرت پکيڙڻ جي انتهائي مذمت جوڳي م??م هر ڏينهن هڪ نئين انتها کي ڇُهي رهي آ??ي، ان جي ايجنڊا پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي خلاف نفرت پکيڙڻ جي عمر??ن نيازي جي انتهائي مذمت جوڳي م??م هر ڏينهن هڪ نئين انتها کي ڇُهي رهي آهي. حساس پيشيواراڻن معامن بابت ۽ هٿياربند فوج ۽ ان جي قيادت جي خلاف هاڻي هو سڌوسنئون گند اڇلائي ۽ زهريلا الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته واضح طور تي عمران خان جي ڪڌي ايجنڊا پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ آهي.