اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته ??ڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحا?? ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا رستا ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحال?? جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??ندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجل?? جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪ??ڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??ڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحا?? ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ ا?? جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??نڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ??ي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ??ين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻ?? جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀ??ڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻ?? جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحا?? ٿي وينديون. وزيراعظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي.