اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف بجلي جي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ??دايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران ب??لي صارفين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو ??ڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تص??يح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن ب??لي صارفين جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جي بلن کي گهٽ ڪيو ??ڃي. بجلي جي بلن جي تص??يح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تص??يح لاءِ عملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي ??ڃي. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي ??ڃي.