ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪست??ن جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙ?? تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻ?? آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقع?? تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪست??ن جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ??ن جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهي?? آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻ?? آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، شهر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اه?? مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان شهر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.