اسلام آباد – 28 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پ??ڪستان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ تبديل ڪرڻو آهي جتي اختلاف راءِ کي دشمني نه سمجهيو وڃي ۽ تنقيد کي حوصلي سان برداشت ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اچو ته پاڪستان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ تبديل ڪريون جتي اختلاف راءِ کي دشمني نه سمجهيو وڃي، تنقيد کي حوصلي سان برداشت ڪيو وڃي، عوامي خدمت سياست جو محور هج??، عورتن جو احترام ۽ اقليتن جي حقن جو تحفظ ٿيندو هج??.