اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذ??ت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي ??زيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي ??ا دشمن آه??، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آه??، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آه??، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آه??، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آه??. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر ج??يل عطا فرمائي.